لائیو 12 لک نان فائلر واپارين خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڇو ملتوي ڪيوويو؟

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت نئين فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم ۾ شامل نه ٿيندڙ لڳ ڀڳ 12 لک نان فائلر دڪاندارن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته کين ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ 3 مهينن جي مهلت ڏيڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب ٽيڪس اختيارين ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آڏو ٻه تجويزون پيش ڪيون آهن. پهرين تجويز تحت واپارين کي 31 جنوري 2027ع تائين مهلت ڏيڻ ۽ دير سان گوشوارا جمع ڪرائڻ تي وڌ ۾ وڌ 85 هزار رپيا سرچارج لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي.

ٻي تجويز تحت واپارين خلاف انڪم ٽيڪس قانونن موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک 75 هزار رپيا ڏنڊ، ٽيڪس آڊٽ ۽ اثاثن جا مڪمل تفصيل ظاهر ڪرڻ لازمي هوندا.

قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪنهن به ڪارروائي کان اڳ اٽارني جنرل کان قانوني راءِ ورتي ويندي، جڏهن ته اسڪيم ۾ وڌيڪ واڌ نه ڪرڻ جو موقف پڻ اختيار ڪيو ويو آهي.

حڪومت واپارين لاءِ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم متعارف ڪرائي هئي، جنهن تحت دڪاندارن کي مجموعي وڪرو تي رڳو هڪ سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو هو، جڏهن ته کين آڊٽ کان ڇوٽ پڻ ڏني وئي هئي.

حڪومت کي اميد هئي ته 38 لک نان فائلر واپارين مان گهٽ ۾ گهٽ 10 لک اسڪيم ۾ شامل ٿيندا ۽ 50 ارب رپيا ٽيڪس وصول ٿيندو، پر 31 آڪٽوبر جي آخري تاريخ تائين رڳو 222 نون واپارين ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرايا.

ذريعن موجب ٽيڪس اختيارين لڳ ڀڳ 15 لک اهڙن دڪاندارن جي نشاندهي ڪئي آهي، جيڪي اسڪيم جي دائري ۾ اچن ٿا، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پڻ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم جي نتيجن تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں