لائیو محسن رضائي جي پيوٽن سان ملاقات، علائقائي سلامتي سميت ڪھڙن معاملن تي ڳالھيون ٿيون؟

فہرستِ مضامین

ماسڪو(انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري محسن رضائي چيو آهي ته ماسڪو جي تازي دوري دوران روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان اهم علائقائي معاملن، جنگ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ خطي جي سيڪيورٽي انتظامن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ايراني ميڊيا اڳ ئي رپورٽ ڪيو هو ته محسن رضائي ماسڪو ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات دوران ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي جو پيغام پڻ پهچايو هو.

ايراني خابرو اداري تسنيم موجب ملاقات کانپوءِ محسن رضائي ٻڌايو ته روسي صدر سان علائقائي معاملن، جنگ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ حالتن ۽ خطي ۾ سيڪيورٽي انتظامن بابت ڳالهه ٻولهه ۽ صلاح مشورا ڪيا ويا.

مجتبيٰ خامنه اي جو پيغام پيوٽن تائين پهچائڻ بابت محسن رضائي چيو ته ايران جي سپريم ليڊر جي خواهش هئي ته اهو پيغام جلد کان جلد روسي صدر تائين پهچايو وڃي.

محسن رضائي وڌيڪ ٻڌايو ته ملاقات دوران روس کان ايران تائين گئس پائيپ لائينون وڇائڻ واري منصوبي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن جو مقصد ايران ۾ گئس جي کوٽ پوري ڪرڻ سان گڏ روسي گئس پاڙيسري ملڪن کي وڪرو ڪرڻ جا امڪان پيدا ڪرڻ آهي.

واضح رهي ته اها ملاقات اهڙي وقت ٿي آهي، جڏهن ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن سومر ڏينهن ٽيليفون تي پڻ علائقائي ۽ عالمي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں