اسپين ۾ ٽرين حادثي کانپوءِ ٽرانسپورٽ واري وزير استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

اسپين ۾ خوفناڪ ٽرين حادثي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 69 ڄڻن جي فوت ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جي ٽرانسپورٽ واري وزير آسڪر پوئينٽي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب، اسپين جي ٽرانسپورٽ واري وزير ٽرين حادثي ۾ ٿيل جاني نقصان جي ڇهن ڏينهن کانپوءِ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

پارليامينٽ ۾ پنهنجي فيصلي جو اعلان ڪندي آسڪر پوئينٽي چيو ته هڪ سال کان به گهٽ عرصي دوران ساڳئي نوعيت جا ٻه سنگين ٽرين حادثا پيش اچڻ کانپوءِ ملڪ جو ٽرانسپورٽ وارو وزير پنهنجي عهدي تي برقرار نٿو رهي سگهي.

هن وڌيڪ چيو ته تازن حادثن جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي عهدي تي رهڻ مناسب ناهي.

رپورٽ موجب، اسپين ۾ هلندڙ سال جنوري مهيني دوران پڻ هڪ ٽرين حادثو پيش آيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 46 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

جنوري ۽ تازو پيش آيل حادثي ۾ مجموعي طور وڏي انگ ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کانپوءِ ٽرانسپورٽ واري وزارت جي ذميوارين ۽ ريلوي نظام جي حفاظت بابت سوال اٿڻ لڳا آهن.

ٽرانسپورٽ وزير جي استعيفيٰ کي ٻن سنگين حادثن کانپوءِ حڪومتي سطح تي ذميواري قبول ڪرڻ جي اهم اڳڀرائي طور ڏٺو پيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں