نوابشاهه (مانيٽرنگ ڊيسڪ) قاضي احمد ۾ مبينا وياج خوري کان پريشان عورت قرض جي رقم ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجا چار ٻار وڪڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، عورت پريس ڪلب پهچي انصاف جي اپيل ڪئي آهي.
شمشاد بي بي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته مبينا وياج خور انور شاهه کانئس 20 لک رپيا طلب ڪري رهيو آهي، جنهن سبب هوءَ سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهي.
عورت جو چوڻ هو ته وياج جي رقم ادا ڪرڻ لاءِ وٽس ڪو ٻيو رستو نه بچيو آهي، تنهنڪري هوءَ پنهنجا ٻار وڪڻڻ تي مجبور ٿي رهي آهي.
شمشاد بي بي اهو به الزام هنيو ته سندس مڙس الله رکيو کوکر کي پڻ مبينا طور پوليس ذريعي گم ڪرايو ويو آهي.
متاثر عورت سنڌ جي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته سندس مڙس کي بازياب ڪرايو وڃي، مبينا وياج خور خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي.