ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏو اضافو ٿي ويو، في تولو سون 9 هزار 600 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 35 هزار 636 رپين جو ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 10 گرام سون جي قيمت ۾ به 8 هزار 230 رپين جو اضافو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 3 لک 73 هزار 487 رپيا ٿي وئي آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت ۾ 96 ڊالر في اونس اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ عالمي اگهه 4 هزار 131 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.