اڄ جي ميڙي چونڊي

فہرستِ مضامین

ڊاڪٽر قاسم راڄپر

هر ڳالهه جيڪا اسان جي ڪنن تائين پهچي ٿي، ضروري ناهي ته دل تائين به پهچي. ڪجهه لفظ رڳو هوا ۾ اڇلايا ويندا آهن، پر اسان انهن کي دل سان لڳائي، پنهنجي جهوليءَ ۾ سانڍي، سڄي عمر جو بار بڻائي ڇڏيندا آهيون.

حقيقت اها آهي ته انسان جا لفظ، سندس سوچ، تربيت ۽ اندروني ڪيفيت جو عڪس هوندا آهن. جنهن جي سوچ ۾ وسعت نه هجي، تنهن جي زبان مان سهپ، احترام ۽ وڏائيءَ جي اميد رکڻ ائين آهي، جيئن ڪنڊن واري ٽاريءَ کان گلن جي اميد رکجي. ڪنهن جو لهجو سندس پنهنجي شخصيت جي سڃاڻپ هوندو آهي، توهان جي نه.

اسان اڪثر هر الزام جو جواب ڏيڻ، هر طنز جي وضاحت ڪرڻ ۽ هر تنقيد آڏو پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجو ذهني سڪون وڃائي ويهندا آهيون. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته جيڪو ماڻهو توهان کي سمجهڻ ئي نٿو چاهي، تنهن کي هزار دليل ڏئي به قائل نٿو ڪري سگهجي.

زندگيءَ ۾ هر ڳالهه جو جواب ڏيڻ ضروري ناهي. ڪڏهن ڪڏهن خاموشيءَ سان اڳتي وڌي وڃڻ ڪمزوري نه، پر شعور، برداشت ۽ خودداريءَ جي نشاني هوندي آهي.

ياد رکو، توهان جي عزت ۽ وقار جو دارومدار ماڻهن جي زبان تي ناهي. جيڪو انسان پنهنجي ڪردار، نيت ۽ عمل ۾ مضبوط هجي، تنهن جي حيثيت ڪنهن جي تعريف سان وڌي يا ڪنهن جي تنقيد سان گهٽجي نٿي سگهي.

زندگي تمام مختصر آهي؛ ان کي هر ننڍڙي ڳالهه، هر طنزيه جملي ۽ هر ماڻهوءَ جي راءِ جي حوالي نه ڪريو. ٻين جي منفي سوچ ۽ گهٽ ظرفيءَ جو بار پنهنجي دل تي کڻڻ ڪا عقلمندي ناهي. جيڪو بار توهان جو آهي ئي نه، تنهن کي پنهنجي ڪلهن تي کڻڻ کان پاسو ڪريو.

هر جنگ وڙهڻ ضروري ناهي، هر ڳالهه جو جواب ڏيڻ لازمي ناهي ۽ هر ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائيءَ جو يقين ڏيارڻ به توهان جي ذميواري ناهي.

زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ڪڏهن ڳالهائڻ کان وڌيڪ خاموش رهڻ، ڪڏهن ثابت ڪرڻ کان وڌيڪ نظرانداز ڪرڻ، ۽ ڪڏهن ڪنهن کي جواب ڏيڻ کان وڌيڪ پنهنجي منزل تي ڌيان ڏيڻ ضروري هوندو آهي.

ڇو ته سمجهدار ماڻهو رستن جا پٿر گڏ ڪري ناهن هلندا؛ هو انهن کي اتي ئي ڇڏي، پنهنجي منزل ڏانهن وڌندا رهندا آهن.

پنهنجي دل کي نفرت کان، ذهن کي فضول سوچن کان ۽ زندگيءَ کي ٻين جي راءِ جي غلاميءَ کان آزاد رکو. اصل ڪاميابي اها ناهي ته توهان هر ڪنهن کي قائل ڪري ڇڏيو، پر اها آهي ته ڪنهن جي تلخ ڳالهه توهان جو سڪون، ڪنهن جي حسد توهان جو اعتماد ۽ ڪنهن جي نفرت توهان جي انسانيت کسي نه سگهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں