سانگهڙ (رپورٽر): پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان نثار لاشاري ۽ زڪيہ بلیدي جي قتل واري واقعي ۾ پوسٽ مارٽم بعد ٻنهي جا لاش نوجوان جي وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي.
ايس ايس پي سانگهڙ شاهنواز چاچڙ موجب، نثار لاشاري جو لاش گذريل ڏينهن شهدادپور جي هڪ ڳوٺ ڀرسان سم نالي مان، جڏهن ته زڪيہ بلیدي جو لاش روڊ ڪناري تان هٿ آيو هو.
پوليس موجب، ٻنهي هڪ هفتو اڳ نوابشاهه جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ کين فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته تدفين بعد ڪيس داخل ڪرايو ويندو، جڏهن ته پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ناريءَ جا وارث گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن ۽ جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.