اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جي گهر ۾ چوري

فہرستِ مضامین

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جي رهائشگاهه به چورن کان محفوظ نه رهي، راولپنڊي جي علائقي جاتلي جي ڍوڪ امب ۾ سندس گهر مان لکين رپين جو سامان چوري ٿي ويو آهي، جڏهن ته واقعي کانپوءِ گهر ۾ مقرر هڪ گهريلو ملازم جي گم هجڻ جو معاملو به سامهون آيو آهي.

پوليس موجب، راجا پرويز اشرف جي پرسنل سيڪريٽري طيب فضل جي درخواست تي جاتلي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر جي متن موجب، رهائشگاهه جا مختلف تالا ٽٽل مليا، جڏهن ته چور 3 ايئرڪنڊيشنر، 2 دروازا، 2 دريون، قالين، ٿانوَ، آرائشي شيون ۽ گاهه ڪٽڻ واري مشين سميت ٻيو سامان کڻي ويا.

پوليس ذريعن موجب، چوري ٿيل سامان جي ماليت لڳ ڀڳ 2 لک 70 هزار رپيا ٻڌائي وئي آهي.

ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رهائشگاهه تي مقرر گهريلو ملازم مبينا طور غائب آهي. ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪارن موجب، ملازم گذريل رات کان موجود ناهي ۽ سندس موبائل فون پڻ بند آهي.

پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں