خيبرپختونخوا جو ايندڙ وڏو وزير ڪير هوندو؟ ڪامران مرتضيٰ جي اهم دعويٰ

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ دعويٰ ڪئي آهي ته خيبر پختونخوا جو ايندڙ وڏو وزير وفاقي حڪومت جي حمايت سان آندو ويندو، جڏهن ته پي ٽي آءِ مان هڪ ميمبر کي ڌار ڪري ايندڙ وڏي وزير لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪامران مرتضيٰ چيو ته حڪومتي رضامندي ۽ مدد سان خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ اندر فارورڊ بلاڪ ٺهندو، جنهن ذريعي اڳتي جا معاملا طئي ڪيا ويندا.

هن چيو ته محمود اچڪزئي اپوزيشن ليڊر آهن ۽ هو سندس احترام ڪن ٿا، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر نه بڻجندو.

ڪامران مرتضيٰ جو چوڻ هو ته جمهوري طريقي سان اڳتي وڌڻ ۾ ئي مسئلن جو حل آهي. پي ٽي آءِ موجود رهندي ۽ ڪنهن کي به پارٽي جي وجود سان مسئلو ناهي.

جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سندس جماعت خيبر پختونخوا بابت پنهنجي سياسي جدوجهد ۽ پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي.

خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي بابت ڳالهائيندي ڪامران مرتضيٰ چيو ته صوبي مان دهشتگردي جو خاتمو ضروري آهي، ماڻهن جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته دهشتگردي خلاف ڪوششون رڳو اعلانن تائين محدود نه رهڻ گهرجن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں