زيادتي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ پرڏيهي عورت کي 2 ڪروڙ رپين جي آڇ ٿي: مريم نواز

فہرستِ مضامین

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز حنا جاويد قتل ڪيس ۽ عورتن سان زيادتي جي واقعن بابت اهم بيان جاري ڪندي چيو آهي ته حنا جاويد ڪيس جي جاچ تي سندس گهري نظر آهي. هن دعويٰ ڪئي ته ڊي اين اي ۽ پولي گراف ٽيسٽ جا نتيجا قتل ۽ زيادتي جي واقعي ۾ گهريلو ملازم جي مبينا ملوث هجڻ ڏانهن اشارو ڪن ٿا، جڏهن ته ڪيس جي جاچ اڃا جاري آهي.

مريم نواز سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هڪ ٻئي زيادتي ڪيس جو ذڪر ڪندي چيو ته مبينا طور جوابدار جي بااثر ۽ امير خاندان متاثرہ عورت کي الزام واپس وٺڻ جي بدلي ڏيڍ کان 2 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي. سندس موجب عورت جو قلم 164 تحت عدالتي بيان اڳ ئي رڪارڊ ٿي چڪو هو.

وزيراعليٰ پنجاب وڌيڪ چيو ته اهڙيون خبرون پڻ سامهون آيون آهن ته زيادتي ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت منظور ڪندڙ جج کي رشوت ڏني وئي. مريم نواز واضح ڪيو ته جيڪڏهن اهي الزام درست ثابت ٿين ٿا ته انصاف جي نظام جي شفافيت تي سنگين سوال اٿن ٿا.

هن چيو ته زيادتي جو شڪار عورتون مالي دٻاءَ ۽ طاقت جي غلط استعمال سبب غيرمحفوظ ٿي سگهن ٿيون. سندس چوڻ هو ته هوءَ اهڙن ڪيسن تي نظر رکندي ته جيئن ڪو به جوابدار پئسي، اثر رسوخ يا تعلقات جي بنياد تي قانون جي گرفت کان بچي نه سگهي.

مريم نواز وڌيڪ چيو ته انصاف ڪڏهن به وڪرو ٿيڻ واري شيءِ نه هجڻ گهرجي ۽ ڪو به شخص قانون کان مٿانهون ناهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں