خيبر پختونخوا ۾ نيب سرگرم، سهيل آفريدي ريڊار تي، اڳوڻن وزيرن جو رڪارڊ طلب

فہرستِ مضامین

پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر پختونخوا ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ قومي احتساب بيورو (نيب) سرگرم ٿي ويو آهي. نيب ذريعن موجب اڳوڻي وڏي وزير سهيل آفريدي جي دور ۾ ٿيل ترقياتي منصوبن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ اڳوڻن وزيرن فضل حڪيم ۽ ڊاڪٽر امجد جي اثاثن جو رڪارڊ پڻ طلب ڪيو ويو آهي.

نيب ذريعن موجب سهيل آفريدي جي دور ۾ ٿيل ترقياتي ڪمن بابت سول اينڊ ورڪس ڊپارٽمينٽ کان تفصيل گهريا ويا آهن. اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ٻڌايو وڃي ته ان دور ۾ ڪيتريون سڙڪون تعمير ڪيون ويون ۽ ڪهڙن ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏنا ويا.

ذريعن موجب سول اينڊ ورڪس ڊپارٽمينٽ، روينيو کاتي، ڊي ايڇ اي جي رجسٽرار، پي ڊي اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي رڪارڊ فراهم ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽنهي اڳواڻن جي اثاثن جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ کين جاچ لاءِ نوٽيس جاري ڪرڻ جو امڪان آهي. ان سان گڏ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي دور ۾ مبينا غيرقانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف به ڪارروائي جو دائرو وڌايو پيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں