پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ): سرڪاري خزاني جي نگراني ۽ مالي معاملن ۾ شفافيت بابت سوال اٿاريندڙ آڊٽ رپورٽ ۾ خيبر پختونخوا اڪنامڪ زونز ڊولپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪمپنيءَ ۾ 18 ارب 46 ڪروڙ رپين جون مالي بي ضابطگيون سامهون آيون آهن. رپورٽ موجب، زمينن جي انتظام، ليز ۽ واجب الادا رقمون وصول نه ڪرڻ سبب قومي خزاني کي وڏو نقصان پهتو.
آڊٽ رپورٽ 2024-25ع موجب، عدالتي حڪمن باوجود ڪمپنيءَ کي زمين ليز تي ڏني وئي، جڏهن ته حڪومت زمين جي مد ۾ 2 ارب 8 ڪروڙ 49 لک رپيا وصول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته تجارتي زمينن جي معاهدن جي تجديد نه ڪرائڻ سبب خزاني کي 62 ڪروڙ 98 لک رپين جو نقصان ٿيو.
آڊٽ رپورٽ موجب، بونير، مهمند ۽ جلوزئي ۾ زمينون واپس نه وٺڻ سبب هڪ ارب 7 ڪروڙ 74 لک رپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ته تجارتي زمين صنعتي مقصدن لاءِ مختص ڪرڻ سان 17 ڪروڙ 41 لک رپين جو نقصان ٿيو.
رپورٽ ۾ هريپور ۾ الحدید انجنيئرنگ کي 10 ايڪڙن تي ٻڌل پلاٽ نمبر 185، 186، 187 ۽ 190 الاٽ ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪمپنيءَ کان واجب الادا رقم وصول نه ڪرڻ سبب قومي خزاني کي وڌيڪ 49 ڪروڙ 78 لک رپين جو نقصان ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.