عالمي تڪرار، مهانگائي وڌڻ جو خدشو، ناڻي واري وزير خبردار ڪري ڇڏيو!

فہرستِ مضامین

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ): عالمي سطح تي جنگين ۽ تڪرارن جا اثر هاڻي عام ماڻهن جي روزمره زندگي تي به پئجي سگهن ٿا، وفاقي وزير خزانا محمد اورنگزيب خدشو ظاهر ڪيو آهي ته عالمي ڇڪتاڻ سبب ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي. سندس چوڻ آهي ته عالمي معيشت غير يقيني صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، پر مختلف چئلينجن باوجود پاڪستان ۾ معاشي بهتريءَ جو عمل جاري آهي.

لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته يورپ ۽ آمريڪا جا سيڙپڪار پڻ پاڪستان جي بانڊز ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن.

هن چيو ته حڪومت ٽيڪس نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ لاءِ سڌارا ڪري رهي آهي، جڏهن ته معاشي ترقيءَ ۾ خانگي شعبي جي ڪردار کي هٿي ڏني پئي وڃي.

وفاقي وزير خزانا موجب، حڪومت ڪوشش ڪئي ته ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ عوام کي پيٽرول لاءِ قطارن ۾ بيهڻو نه پوي. ان مقصد لاءِ هدف تي ٻڌل سبسڊي ڏني وئي، ڇاڪاڻ ته وڏيون گاڏيون رکندڙ ماڻهن کي سبسڊي ڏيڻ ضروري ناهي.

محمد اورنگزيب چيو ته سياري دوران توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي ۽ گئس توڙي ايل اين جي جي فراهمي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. سندس دعويٰ هئي ته ملڪ ۾ توانائيءَ جي کوٽ پيدا ٿيڻ نه ڏني وئي ۽ خام تيل سميت توانائيءَ جي ٻين ذريعن جي فراهميءَ جي صورتحال اطمينان بخش آهي.

هن وڌيڪ چيو ته درآمدات تي گهڻو ڀاڙڻ سبب ماضي ۾ پاڪستان کي ادائيگين جي توازن واري بحران کي منهن ڏيڻو پيو، پر چئن کان پنجن سالن جي ڪوششن کانپوءِ ملڪ جي ڪريڊٽ ريٽنگ ٻيهر ’بي‘ سطح تي آندي وئي آهي.

وفاقي وزير اميد ظاهر ڪئي ته هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان ۾ ٻاهرين ملڪن مان موڪليل رقمون 44 ارب ڊالر تائين پهچي وينديون. سندس چوڻ هو ته جنگ سبب ترسيلاتِ زر گهٽجڻ جو خدشو هو، پر ان جي ابتڙ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں