اسلام آباد ۾ آمريڪي فوجي جهازن جي آمد سان سيڪيورٽي صورتحال انتهائي سخت بڻائي وئي آهي، جڏهن ته پسمنظر ۾ اهم سفارتي سرگرمين ۽ اعليٰ سطحي دوري جا امڪان به ظاهر ڪيا پيا وڃن.
فلائيٽ ٽريڪنگ ذريعن موجب، آمريڪي ائيرفورس جا وڏا ڪارگو جهاز Boeing C-17 Globemaster III اهم سامان سان گڏ نور خان ايئر بيس تي لهڻ شروع ٿي ويا آهن. رپورٽن مطابق 19 اپريل تي ٽن جهازن مختلف وقتن تي لينڊ ڪيو پهريون صبح ساڍي اٺين بجي، ٻيو 11 وڳي کان پوءِ، جڏهن ته ٽيون جهاز منجهند جو پهتو. ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته هڪ وڌيڪ جهاز به پاڪستان ڏانهن روانو ٿيو آهي.
اطلاعن موجب، اهي جهاز سيڪيورٽي، مواصلاتي نظام ۽ ٻين ضروري لاجسٽڪ سامان سان ڀرپور آهن، جيڪي عام طور تي ڪنهن به اعليٰ سطح جي آمريڪي دوري کان اڳ پهچايا ويندا آهن. ان حوالي سان اڳ ۾ به هڪ آمريڪي اڳواٽ وفد جي اچڻ جون خبرون سامهون اچي چڪيون آهن، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ غيرملڪي وفدن جي آمد جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.
ساڳئي وقت، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪندي خاص طور تي ريڊ زون کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به امڪاني خطري کي منهن ڏئي سگهجي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هي سڄو انتظام ايندڙ اهم سفارتي ڳالهين ۽ علائقائي حالتن جي تناظر ۾ ڪيو پيو وڃي، جتي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ به اهم عنصر طور ڏٺي پئي وڃي.
سرڪاري سطح تي اڃا تائين ڪنهن به اعليٰ آمريڪي شخصيت جي دوري جي باضابطه تصديق ناهي ڪئي وئي، پر وڌندڙ فوجي ۽ سفارتي سرگرميون ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿيون ته ايندڙ ڏينهن ۾ اهم اڳڀرائي متوقع ٿي سگهي ٿي.