گڏيل قومن جي اداري يونيسيف چيو آهي ته غزه ۾ نام نهاد جنگبندي باوجود گذريل 8 مهينن دوران سراسري طور هر ڏينهن هڪ فلسطيني ٻار اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿي رهيو آهي۔
يونيسيف جي ترجمان جيمز ايلڊر موجب آڪٽوبر 2025 ۾ جنگبندي جي اعلان کان پوءِ هينئر تائين گهٽ ۾ گهٽ 265 فلسطيني ٻار شهيد ۽ 400 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن۔
سندس چوڻ آهي ته ٻار گهرن، اسڪولن، خيمن ۽ عوامي هنڌن تي به حملن جو نشانو بڻجي رهيا آهن۔
ترجمان چيو آهي ته غزه جي ٻارن لاءِ خوف، تشدد ۽ محرومي روزمره جي زندگي جو حصو بڻجي چڪي آهي، جڏهن ته طبي سهولتون، دوائون ۽ ضروري سامان جي سخت کوٽ زخمي ٻارن جي حالت وڌيڪ خراب ڪري رهي آهي۔
يونيسيف خبردار ڪيو آهي ته سوين ٻارن کي فوري طبي انخلا جي ضرورت آهي، پر مسلسل پابندين سبب انفيڪشن ۽ عضوا ڪٽجڻ جهڙا خطرا وڌي رهيا آهن۔
اداري عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته ٻارن جي شهادتن کي روڪڻ ۽ بين الاقوامي قانونن جي تحفظ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن۔
ٻئي پاسي فلسطيني اختيارين موجب 7 آڪٽوبر 2023 کان جاري اسرائيلي جنگ ۾ هاڻي تائين 73,018 فلسطيني شهيد ۽ 173,273 زخمي ٿي چڪا آهن۔