قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت ڪميٽي نشنل ٽيرف پاليسي 30-2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔
ڪميٽي اسڪريپ ۽ ويسٽ امپورٽ تي ڪسٽم ڊيوٽي 10 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي ۽ فيصلو ڪيو ته ڊيوٽي 20 سيڪڙو برقرار رکي ويندي۔
واپار واري وزارت جي سيڪريٽري موجب ڪجهه صنعتون ويسٽ امپورٽ ڪن ٿيون، جنهن مان فيول تيار ٿئي ٿو، پر پاڪستان ۾ ويسٽ مان فيول ٺاهڻ واري مشينري موجود ناهي۔
اجلاس دوران ڪميٽي ميمبر نفيسه شاهه پڇيو ته پاڪستان ويسٽ سان ڀريل آهي، ان مان فيول ڇو نٿو ٺاهيو وڃي؟
هن وڌيڪ چيو ته ويسٽ ۽ اسڪريپ جي امپورٽ جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته ڪميٽي ميمبر ارشد وهرا چيو ته ڪراچي مان روزانو 25 هزار ٽن ويسٽ گڏ ٿئي ٿو۔
واپار واري سيڪريٽري چيو ته گهڻو ويسٽ فرنس ۾ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو صنعتون امپورٽ ڪن ٿيون۔
نفيسه شاهه اهو به چيو ته نشنل ٽيرف پاليسي ۾ مقامي ويسٽ جي ري سائيڪلنگ شامل ڪئي وڃي۔
اجلاس دوران واپاري واري سيڪريٽري بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پيپر تي ڪسٽم ڊيوٽي 20 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 15 سيڪڙو ڪئي پئي وڃي۔
فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي اختيارين موجب نئين فائبر وانگر ري سائيڪل فائبر تي به 5 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي، ۽ هاڻي ري سائيڪل فائبر جو به ايڇ ايس ڪوڊ ٺاهي ڇڏيو آهي۔
فيڊرل بورڊ آف ريونيو موجب پاڻي جي رزروائر ٽينڪن تي 20 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ايلومينيم تي ڪسٽم ڊيوٽي 15 سيڪڙو مان گهٽ ڪري 10 سيڪڙو ڪئي پئي وڃي۔