آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس تازو انٽرويو ۾ پنهنجي روايتي اسرائيل نواز موقف کان هٽي هڪ اهم بيان ڏنو آهي۔
هن واضح ڪيو ته اسرائيل يا نيتن ياهو تي ڪيل هر تنقيد کي “يهود دشمني” قرار نٿو ڏئي سگهجي، ۽ هي فرق ڪرڻ هڪ اهڙو نقطو آهي جيڪو ريپبلڪن پارٽي جا تمام گهٽ سينيئر اڳواڻ عوامي طور تي بيان ڪن ٿا۔
جي ڊي وينس موجب، اهڙيون ٻه اهم غلط فهميون آهن جيڪي اسرائيل جا حامي حلقا گهڻو ڪري ڪندا آهن، جن جي هن نشاندهي ڪئي آهي۔
پهرين اها ڳالهه آهي ته هو آمريڪي مفادن ۽ اسرائيلي مفادن ۾ فرق نٿا ڪن، ۽ ٻي اها ته هو ڪنهن مخصوص حڪومت تي تنقيد کي هميشه يهود دشمني سان ڳنڍي ڇڏين ٿا، جڏهن ته جيڪڏهن هر شيءِ کي يهود دشمني چيو وڃي ته پوءِ حقيقت ۾ يهود دشمني جو اصل مفهوم ئي ختم ٿي وڃي ٿو۔
آمريڪي نائب صدر جا هي بيان سندن موقف ۾ هڪ نمايان تبديلي جي نشاندهي ڪن ٿا۔
ماضي ۾ هو اسرائيل جي لابنگ گروپن جي بيانيي کي سڌي ريت چيلينج ڪرڻ کان پاسو ڪندو رهيو آهي، پر ايران خلاف تازي جنگ ۽ غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيل جي طرزِ عمل جي تناظر ۾ جي ڊي وينس جي موقف ۾ تبديلي کي خاص اهميت ڏني پئي وڃي۔