اسلام آباد ۾ ايڇ آءِ وي جو خطري وارو ڦهلاءُ: نوجوان مرد سڀ کان وڌيڪ متاثر

فہرستِ مضامین

اسلام آباد:

  وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ایچ آئی وی جي ڪيسن ۾ انتهائي ڳڻتي جوڳي واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن صحت جي ماهرن کي به پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

سرڪاري انگن اکرن مطابق جنوري 2025ع کان مارچ 2026ع تائين مجموعي طور 618 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ان حساب سان شهر ۾ هر مهيني سراسري طور41 کان وڌيڪ ماڻهو هن موذي وائرس جو شڪار بڻجي رهيا آهن.

 متاثر ماڻهن جو تفصيل

رپورٽ موجب متاثر ماڻهن ۾ نوجوان مردن جي واضح اڪثريت سامهون آئي آهي:

397 مرد (64٪)

106 عورتون

93 خواجه سرا

22 ٻار

اهي انگ ظاهر ڪن ٿا ته هي وبا خاص طور تي نوجوان مردن ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي، جيڪا هڪ خطرناڪ سماجي ۽ صحت جو بحران بڻجي سگهي ٿي.

سالوار صورتحال

2025ع دوران: 498 ڪيس رپورٽ ٿيا

2026ع جي پهرين ٽن مهينن ۾: وڌيڪ 120 ڪيس سامهون آيا

مهينن جي حساب سان:

جولاءِ 2025ع: سڀ کان وڌيڪ 63 ڪيس

جون ۽ ڊسمبر: گهٽ ۾ گهٽ 31، 31 ڪيس

ڦهلاءَ جا اهم سبب

صحت ماهرن جو چوڻ آهي ته نوجوان مردن ۾ نشي جي وڌندڙ رجحان، خاص طور تي “آئس” (ڪرسٽل ميٿ) جي استعمال دوران غير محفوظ لاڳاپا، ايڇ آءِ وي جي تيزي سان ڦهلجڻ جو وڏو سبب بڻجي رهيا آهن.

 قومي سطح تي صورتحال

ماهرن موجب سڄي پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي سان متاثر ماڻهن جو انگ لڳ ڀڳ ساڍا ٽي لک (350,000) تائين پهچي چڪو آهي، جيڪو هڪ وڌندڙ عوامي صحت جو وڏو بحران بڻجي رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ ايڇ آءِ وي جو وڌندڙ ڦهلاءُ رڳو هڪ شهر جو مسئلو نه رهيو آهي، پر اهو هاڻي قومي سطح تي هڪ سنجيده چئلينج بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن بروقت آگاهي، ٽيسٽنگ ۽ احتياطي اپاءَ نه ورتا ويا، ته ايندڙ وقت ۾ صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں