ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ سون جي اگھ ۾ مسلسل اضافي بعد گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آھي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب پاڪستان ۾ في تولو سون جو اگھ 3300 گھٽ ٿي ويو آھي جنھن کان پوءِ ھڪ تولي جو اگھ 5 لک ھڪ ھزار 562 رپيا ٿي وئي آھي.
ايسوسيئيشن موجب اھڙي طرح 10 گرام سون جو اگھ 2829 رپيا گھٽتائي بعد 4 لک 30 ھزار رپين جو ٿي ويو.
ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگھ 33 ڊالر گھٽتائي بعد 4792 ڊالر في اونس آھي.