راولپنڊي: پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گھرواري بشريٰ بي بي سان سندس ڌيئرن ۽ ڀيڻ جي اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪرائي وئي.
جيل ذريعن موجب بشريٰ بي بي سان فيملي جي ملاقات ھڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت جاري رھي.
ملاقات دوران بشريٰ بي بي جي فيملي سندس صحت جي حوالي سان خيريت معلوم ڪئي جڏھن تہ سندس فيملي سندس صحت تي اطمينان جو اظھار ڪيو.
جيل ذريعن جو چوڻ آھي تہ ملاقات بعد بشريٰ بي بي جي فيملي اڊيالا جيل مان واپس رواني ٿي وئي جڏھن تہ بشريٰ بي بي جي فيملي سان خاص طور تي ملاقات ڪرائي وئي آھي.
واضح رھي تہ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گھرواري بشريٰ بي بي جي نظر متاثر ٿيڻ جي شڪايت ملي ھئي جنھن تي بشريٰ بي بي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس اک جي سرجري ٿي آھي.
عملدارن موجب جيل انتظاميہ بشريٰ بي بي جي ساڄي اک جي نظر متاثر ٿيڻ جي شڪايت جو فوري نوٽيس وٺندي اکين جي ماھر کان معائنو ڪرايو جنھن تي ساڄي اک جي خرابي تشخيص ٿي، ڊاڪٽر سرجري جي صلاح ڏني جنھن تي گذريل شام بشريٰ بي بي کي راولپنڊي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
عملدارن موجب ڊاڪٽر نديم قريشي ۽ پينل بشريٰ بي بي جي رضامندي سان آپريشن ڪيو، ھڪ رات قيام بعد بشريٰ بي بي کي ڊسچارج ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪري ڇڏيو آھي جتي سندس فيملي سان خاص ملاقات ڪرائي وئي آھي.