چين ۾ مبينہ طور تي مڙس سان جھيڙي بعد عورت پنھنجي گھر جي دريءَ مان لڳ ڀڳ ھڪ لک 62 ھزار ھانگ ڪانگ ڊالر اڇلائي ڇڏيا.
نوٽ ھوا ۾ اڏريا تہ ھيٺ موجود ماڻھن ۾ نوٽ ميڙڻ لاءِ ڊوڙون پئجي ويون.
ٻئي طرف پرڏيھي نيور ايجنسي جي رپورٽ مطابق انتظاميہ تصديق ڪئي آھي تہ رقم اصلي ھئي.
انتظاميہ جو چوڻ آھي تہ واقعو گھريلو تڪرار يا ذاتي پريشان جو نتيجو ٿي سگھي ٿو، پر معاملي جي تحقيقات ڪئي پئي وڃي.