اقوام متحدھ آبنائي ھرمز جي بندش سبب دنيا کي پيش ايندڙ وڏي غذائي بحران کان خبردار ڪري ڇڏيو آھي.
فوڊ اينڊ ايگريڪلچرل آرگنائزيشن (فائو) اقوام متحدھ بابت چيف اڪانومسٽ ميڪسيمو ٽوريرو چيو تہ وقت تيزي سان گذري رھيو آھي. پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، سريلنڪا، سوڊان، ڪينيا، برازيل ۽ ٿائيلينڊ سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ايندڙ فصل لڳائڻ جو وقت اچي چڪو آھي.
ھن چيو تہ آبنائي ھرمز تان دنيا جو 35 سيڪڙو تيل، 20 سيڪڙو قدرتي گئس ۽ دنيا جي ضرورت جو 20 کان 30 سيڪڙو ڀاڻ گذري ٿو.
ھن چيو تہ ان اھم بحري گذرگاھ جي بندش سان اھو سڀ رڪيل آھي، آبادگار کي ڀاڻ نہ ملندو تہ ھو فيصل گھٽ لڳائيندو ۽ جيڪو فصل لڳندو اھو ڀاڻ جي اڻھوند سبب سٺي پيداوار نہ ڏيندو ۽ سٺي پيداوار نہ ھئڻ سان غذائي کوٽ سڄي دنيا ۾ ٿيندي.
ميڪسيمو ٽوريرو چيو تہ ڪجھ ڏينھن ۾ آبنائي ھرمز کلي بہ وڃي تہ تيل، ڀاڻ ۽ گئس جي آمدرفت کي معمول تي آڻڻ جو آغاز ٽن مھينن کان پھريان نہ ٿي سگھندو ۽ جيڪا تباھي ٿي چڪي آھي، ان مان ٻاھر اچڻ ۾ ڪيترائي مھينا لڳي ويندا.