ماسڪو: روسي پرڏيھي وزارت جي ترجمان ماريہ زخارووا يوڪرين ۾ ايسٽر جنگبندي جي مبينہ خلاف ورزين ۽ ميڪسيڪو ۾ ھڪ روسي ٻارڙيءَ جي حراست جي معاملي تي سخت ردعمل ڏنو آھي. ماريہ زخارووا الزام لاڳو ڪيو تہ يوڪرين ايسٽر جنگبندي دوران امن جي سنجيدھ ڪوششون نہ ڏيکاريون، روسي صدر والاديمير پيوٽن طرفان 11 کان 12 اپريل تائين اعلان ڪيل جنگبندي دوران يوڪريني فوج 6 ھزار کان وڌيڪ ڀيرا خلاف ورزي ڪئي.
ھن چيو تہ والاديمير زيلنسڪي جنگبندي لاءِ ڪو بہ واضح حڪم جاري نہ ڪيو، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو تھ ڪيف طرفان امن لاءِ سنجيدھ نيت موجود نہ ھئي، روسي پرڏيھي وزارت ماسڪو ۾ مقرر ميڪسيڪو جي سفير ايڊورڊو ويلگاس ميخياس کي طلب ڪيو آھي، جتي ھڪ روسي ٻارڙيءَ کي مبينہ غير قانوني حراست تي شديد ڳڻتيءَ جو اظھار ڪيو ويو.
ماريہ زخارووا چيو تہ روسي معصوم شھري ڪرسٽينا رومانوا ميسڪسيڪو جي چائلڊ ويلفيئر اٿارٽيز جي تحويل ۾ ھڪ بند اداري ۾ رکي وئي آھي ۽ ماسڪو فوري قونصلر رسائي ۽ ٻاريءَ جي وطن واپسي جو مطالبو ڪيو آھي، روس ان معاملي تي مسلسل نظر رکي رھيو آھي ۽ ان سلسلي ۾ رياستي ڊوما جي نائب چيئرپرسن آنا ڪزنيتسووا ۽ ٻارڙن جي حقن بابت صدارتي ڪمشنر ماريہ لووا بيلووا سان ويجھي رابطي ۾ آھي.
ھن وڌيڪ ٻڌايو تہ 2023 کان ميڪسيڪو ۾ روسي سفارتخانو ان معاملي تي ڪم ڪري رھيو آھي ۽ متاثر ٻارڙيءَ ڪيترن ئي موقعن تي روس واپس وڃڻ جي خواھش جو اظھار ڪيو آھي، اھي ٻئي معاملا عالمي سطح تي اھميت جوڳا آھن ۽ ماسڪو پنھنجي شھرين جي تحفظ ۽ علائقائي تڪرار جي حل لاءِ پنھنجون ڪوششون جاري رکندو.