ٽوڪيو / سنگاپور / دبئي:
اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ جنگ بندي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ عالمي مارڪيٽ۾ تيل جا اگھ گهٽجي ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ جمعي جي صبح ايشيائي مارڪيٽن ۾ تيل جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي۔
تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي
مارڪيٽ انگن اکرن موجب:
عالمي معيار برينٽ خام تيل جي قيمت لڳ ڀڳ 1 سيڪڙو گهٽجي 98.50 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي۔
جڏھن ته آمريڪي خام تيل 1.2 سيڪڙو گهٽتائي سان 93.60 ڊالر في بيرل تي ٽريڊ ٿيو۔
ماهرن جو چوڻ آهي ته جنگ بندي سبب مارڪيٽن ۾ غيريقيني صورتحال ڪجهه گهٽ ٿي آهي، جنهن سان سيڙپڪار وڌيڪ اعتماد سان واپار ڪرڻ لڳا آهن۔
ياد رھي ته تازو اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ نه صرف علائقائي امن کي متاثر ڪيو هو، پر آمريڪا۽ ايران وچ ۾ جاري ٻن هفتن جي مشروط جنگ بندي تي به اثرانداز ٿي رھي هئي۔
ايران جو موقف هو ته اسرائيل طرفان لبنان تي حملا ان معاهدي جي ڀڃڪڙي آهن، جنهن سبب خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي هئي۔
تجزيو ڪندڙن موجب، جيڪڏھن جنگ بندي برقرار رھي ٿي ته تيل جون قيمتون وڌيڪ مستحڪم ٿي سگهن ٿيون.