اسلام آباد / واشنگٽن / تهران:
وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي وچ ۾ هڪ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ ڏھھ ڏينهن جي جنگ بندي شروع ٿي وئي آهي، جڏھن تہ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ممڪن معاهدي جون ڳالهيون پڻ آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويون آهن.
ايراني پرڏيهي وزارت موجب، لبنان ۾ جنگ بندي صرف هڪ الڳ قدم نه پر ان وڏي سفارتي عمل جو حصو آهي، جيڪو ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ پاڪستان جي ثالثي سان جاري ڳالهين جو ٻيو رائونڊ ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پردي پٺيان اهم ڪردار ادا ڪندي ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.
ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران واضح طور تي اهو يقين ڏياريو آهي ته هو جوھري هٿيار حاصل ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي. هن چيو ته جيڪڏھن سڀ ڪجهه رٿابندي موجب ٿيو ته جلد ئي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ هڪ تاريخي معاهدو ٿي سگهي ٿو.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن ايران سان معاهدو طئي ٿي وڃي ٿو ته هو شايد پاڪستان جو دورو به ڪري، جيڪو سفارتي سطح تي هڪ اهم اڳڀرائي تصور ڪيو پيو وڃي. سندس امڪاني دوري کي خطي ۾ امن لاءِ هڪ مثبت قدم طور ڏٺو پيو وڃي.
تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏھن ايران آمريڪا لاڳاپن ۾ بهتري اچي ٿي ته ان جا اثر سڄي خطي، خاص طور تي وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا تي پوندا. لبنان ۾ جنگ بندي به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪا مستقبل ۾ مستقل امن جو بنياد بڻجي سگهي ٿي.
واضح رھي ته گذريل ڪجهه هفتن کان اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي، جنهن بعد عالمي دٻاءُ ۽ سفارتي ڪوششن سان هاڻي عارضي جنگ بندي ممڪن ٿي سگهي آهي.