ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگيزيب چيو آھي تہ سعودي عرب جي مالي معاونت اھم آھي جيڪا بيروني مالي پوزيشن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي.
ناڻي واري وزير ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بھار اجلاس جي موقعي تي موڊيز جي نمائندن سان ملاقات ڪئي جنھن ۾ معاشي صورتحال ۽ عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ واپسي جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي محمد اورنگزيب چيو تہ پاڪستان يورو بانڊ جي ادائيگي ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتي آھي، تمام قرض ڏيندڙن جون ذميواريون وقت سر پوريون ڪيون پيون وڃن.
ھن چيو تہ سعودي عرب جي مالي معاونت اھم آھي جيڪا بيروني مالي پوزيشن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي.
ان کان علاوھ ناڻي واري وزير عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ ٻيھر رسائي لاءِ وچولي مدي جي حڪمت عملي تي روشني وڌي جڏھن تہ ناڻي واري وزير جاري علائقائي صورتحال ۾ توانائي واري شعبي ۾ حڪومتي قدمن جو بہ ذڪر ڪيو.