تھران: ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان چيو آھي تہ دنيا کي آمريڪا ۽ اسرائيل جي شھري تنصيبات تي حملن جو نوٽيس وٺڻ گھرجي.
ايراني صدر چيو تہ آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان شھري تنصيبات تي حملن جي شديد مذمت ڪريون ٿا، اسڪولن، ماءُ ۽ ٻار جي صحت وارن مرڪزن تي حملا انساني ۽ بين الاقوامي اصولن جي خلاف ورزي آھي اھڙا قدم شرمناڪ آھن، دنيا کي ان جو نوٽيس وٺڻ گھرجي.
مسعود پزشڪيان چيو تہ ايران کي دھشتگرد چوڻ وارا پاڻ معصوم ماڻھن جو قتل عام ڪري رھيا آھن، ايران ڪو بہ ڏوھ ناھي ڪيو ۽ ھميشہ امن ۽ استحڪام جو خواھشمند رھيو آھي.
ايراني صدر چيو تہ ايران ڳالھين ۽ تعميري تعاون تي يقين رکي ٿو، ايراني عوام جو اتحاد دشمن جي سازشن جي ناڪامي جو سبب بڻيو، جنگ دوران ايراني ھلال احمر جون خدمتون قابل تحسين آھن.