سڄي ملڪ ۾ توانائي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، بجلي جو شارٽ فال 5 ھزار ميگاواٽ کان وڌي ويو.
پاور ڊويزن ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 5 ھزار 726 ميگاواٽ تائين پھچي ويو آھي، بجلي جي پيداوار 14 ھزار 274 ميگاواٽ جڏھن تہ بجلي جي طلب 20 ھزار ميگاواٽ آھي.
ذريعن جو چوڻ آھي تہ ملڪ ۾ پن بجلي جي پيداوار ھڪ ھزار 530 ميگاواٽ، ٿرمل پيداوار 7 ھزار 814 ميگاواٽ آھي.
ان کانسواءِ ملڪ ۾ سولر پيداوار 450 ميگاواٽ، ونڊ انرجي جي پيداوار ھڪ ھزار 490 ميگاواٽ، نيوڪليئر پيداوار 2 ھزار 890 ميگاواٽ آھي، جڏھن تہ بياس پاور پلانٽ 100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رھيا آھن.
ماھرن موجب طلب ۽ رسد ۾ ان وڏي فرق سبب لوڊ مئنجمينٽ ۾ مشڪلات پيش اچي سگھي ٿي، جڏھن تہ شھرين کي بجلي جي اڻ اعلانيل بندش کي منھن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.