اسلام آباد / رياض / واشنگٽن:
سيڪيورٽي ۽ سفارتي معاملن ۾ پاڪستان هڪ نازڪ مرحلي مان گذري رهيو آهي، جتي هڪ پاسي سعودي عرب ۾ فوجي موجودگي ۽ ٻي پاسي علائقائي تڪرارن ۾ غيرجانبدار ڪردار برقرار رکڻ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي.
فوجي ٽيڪنالاجي ۾ تضاد جو خدشو
ماهرن موجب پاڪستان وڏي حد تائين چيني فوجي ٽيڪنالاجي تي ڀاڙي ٿو، جڏهن ته سعودي عرب جي دفاعي نظام ۾ آمريڪي ۽ مغربي ٽيڪنالاجي جو غلبو آهي.
سيڪيورٽي ماهر حسن الشہری جو چوڻ آهي ته چيني ۽ آمريڪي نظامن جي گڏيل استعمال سان ٽيڪنيڪل تضاد پيدا ٿي سگهي ٿو، پر بهتر هم آهنگي ذريعي ان کي اثرائتي دفاعي نظام ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.
ڊاڪٽر مصطفیٰ شلش جو خيال آهي ته پاڪستان وٽ آمريڪي ۽ چيني ٻنهي ٽيڪنالاجين سان ڪم ڪرڻ جو تجربو موجود آهي، تنهن ڪري اهو وڏو مسئلو نه ٿيندو.
جے ايف-17 ۽ پيٽرياٽ سسٽم وچ ۾ چئلينج
آمريڪي صحافي سيبسٽين خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان جا JF-17 Thunder جهاز سعودي عرب جي مغربي دفاعي نظام، خاص طور پيٽرياٽ ميزائل سسٽم سان مڪمل هم آهنگي ۾ مسئلن کي منهن ڏئي سگهن ٿا.
هن ’فرينڊلي فائر‘ ۽ رابطن جي کوٽ جهڙن خطرن جو به ذڪر ڪيو.
پاڪستان جي غيرجانبداري تي سوال
ساڳئي وقت اهو سوال به اڀري رهيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب ۾ فوجي موجودگي باوجود ايران۽ آمريڪا وچ ۾ ممڪن ڳالهين ۾ غيرجانبدار ثالث ڪيئن رهي سگهندو.
ڊاڪٽر شلش مطابق پاڪستان کي هاڻي ’فعال غيرجانبداري‘ جو ڪردار ادا ڪرڻو پيو آهي، ڇاڪاڻ تہ:
پاڪستان ۽ ايران ٻنهي کي اسرائيل جي وڌندڙ اثر بابت خدشا آهن
پاڪستان جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ناهن
چين سان ويجها لاڳاپا ايران لاءِ اضافي ضمانت بڻجن ٿا
ملڪ اندر شيعه آبادي جي موجودگي به فرقيواراڻي ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ اهم عنصر آهي
ماهرن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۾ موجود پاڪستاني فوج جو ڪردار دفاعي نوعيت جو آهي، نه جارحاڻو. بهرحال، علائقائي سياست، فوجي ٽيڪنالاجي جي فرق ۽ سفارتي دٻاءُ پاڪستان لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ وڏو امتحان بڻجي سگهن ٿا.