وفاقي حڪومت ممڪنہ ٻوڏ واري صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ حفاظتي قدم تيز ڪندي گڏيل سروي جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.
فيڊرل فلڊ ڪميشن چئني صوبن جي آبپاشي کاتن کي باضابطہ خط جاري ڪري ڇڏيا آھن، خط ۾ ھدايت ڪئي وئي آھي تہ تمام صوبا حفاظتي بندن جو گڏيل سروي ڪن ۽ ان دوران بندن ۾ موجود نقصن جي نشاندھي ڪري فوري قدم کنيا وڃن.
فيڊرل فلڊ ڪميشن صوبائي عملدارن کي ھدايت ڪئي آھي تہ سروي جي بنياد تي ھڪ جمع رپورٽ تيار ڪري ڪميشن کي موڪلي وڃي تہ جيئن وقت سر فنڊز جي فراھمي ۽ مرمتي ڪم شروع ڪري سگھجي.
خط ۾ واضح ڪيو ويو آھي تہ تمام تفصيل ۽ رپورٽ 15 مئي تائين جمع ڪرائڻ لازمي آھي تہ جيئن مون سون کان اڳ حفاظتي قدمن کي حتمي شڪل ڏئي سگھجي.