پرڏيھي نيوز ايجنسي اداري موجب جيفري سڪس ان صورتحال کي غير منظم، غير شفاف ۽ افراتفري تي ٻڌل قرار ڏنو ۽ صدر ٽرمپ جي ذات، رويي ۽ ذھني ڪيفيت بابت ڳالھائيندي چيو تہ منھنجي خيال ۾ اھو سڀ ڪجھ ڪنھن انتھائي ذھين حڪمت عملي جو نتيجو ناھي پر ان ۾ ھڪ طرح جي افراتفري شامل آھي.
پروفيسر جيفري سڪس موجب حقيقت ۾ “آمريڪا” چوڻ بہ عجيب لڳي ٿو ڇو تہ ھي آمريڪا نہ پر ھڪ شخص آھي، ھو سمجھي ٿو تہ ھو ڌمڪي، دٻاءُ ۽ شور شرابي ذريعي پنھنجو مقصد حاصل ڪري سگھي ٿو، اھو جزوي طور تي ھڪ فريب آھي، ھو شروع کان اھو ئي سوچيندو آيو آھي تہ ھو مطالبا ڪري، ڌمڪيون ڏي، بمباري ڪري ۽ ان جي نتيجي ۾ کيس ڪاميابي ملي وڃي.
ھن چيو تہ مون کي لڳي ٿو تہ ھو واقعي ان ڳالھ تي يقين رکي ٿو تہ ھو طاقت ذريعي ڪامياب ٿي سگھي ٿو، اھو اصل ۾ ھڪ فرد جو شو آھي، منھنجي خيال ۾ ھڪ وھمي ۽ نااھل ھڪ شخص، اھو سڀ ڪجھ ھڪ شخص ڊونلڊ ٽرمپ جي آسپاس گھمي رھيو آھي، مان ان ۾ ڪا بہ حقيقت نٿو ڏسان سواءِ ان جي تہ ھڪ نااھل، وھمي، پوڙھو ماڻھو شور مچائي رھيو آھي، ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي، بمباري ڪري رھيو آھي ۽ قتل ڪري رھيو آھي تہ جيئن پنھنجي مرضي مڃرائي سگھي.
ٽرمپ جي ذھني ڪيفيت تي جيفري سڪس وڌيڪ چيو تہ ائين لڳي ٿو ڄڻ ٽرمپ جو توازن بگڙي چڪو ھجي، ھو اھـڙا بيان ۽ پوسٽون ڪري رھيو آھي جيڪي معمول کان تمام ھٽي ڪري آھن، اھڙا جملا جيڪي آمريڪي تاريخ ۾ ڪنھن صدر نہ چيا.