اسلام آباد: وزيراعظم شھباز شريف اوور انوائسنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي.
وزيراعظم شھباز شريف جي صدارت ھيٺ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي معاملي تي ھفتيوار جائزھ اجلاس ٿيو اجلاس ۾ اوور انوائسنگ جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.
وزيراعظم چيو تہ 2017 کان 2022 ۾ اوور انوائسنگ جو ڌنڌو ھلندو رھيو پر لاڳاپيل ادارا فرض کان مسلسل غافل رھيا ان ڌنڌي ۾ ملوث تمام ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي تيز ڪئي وڃي.
اجلاس کي خطاب ڪندي شھباز شريف جو چوڻ ھو تہ ٽيڪس جو پئسو قوم جي امانت آھي ان جي حفاظت اسان جو فرض آھي اھڙن واقعن کي مستقبل ۾ روڪڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي.