اسلام آباد :
پاڪستان اسلام آباد ۾ ڳالهين جي ٻي رائونڊ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن .
پرڏيهي کاتو، گهرو وزارت ۽ اطلاعات کاتي سميت سڀني لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي۔
جيڪي عملدار پهرين مرحلي ۾ ڪم ڪري چڪا آهن، انهن کي چيو ويو آهي ته ٻيهر تيار رھن۔
ڳالهين جو ٻيو مرحلو
امڪان آهي ته خميس ڏينهن ڳالهين جو ٻيو دور ٿي سگهي ٿو۔
ايران ۽ آمريڪا پهرين مرحلي ۾ ٽياڪڙي (ميڊيئيشن) لاءِ ٻن ٻن ملڪن جا نالا پيش ڪيا هئا۔
هاڻي انهن ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن۔
پاڪستان هن سڄي عمل ۾ ثالث (وچ ۾ صلح ڪرائڻ وارو) ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔
عالمي سطح تي پاڪستان جي هن ڪوشش کي اهميت ڏني پئي وڃي۔
اسلام آباد ٻيهر اهم سفارتي مرڪز بڻجي رهيو آهي
ايران ۽ آمريڪا جي ڳالهين جو ٻيو دور ويجهو آهي
پاڪستان اهم ثالثي ڪردار ادا ڪري رھيو آهي.