سعودي عرب پاڪستان کي ٽي ارب ڊالرن جو قرض ڏئي ڇڏيو، ڊپازٽ پنج ارب ڊالر تائين پهچي ويا.
اسلام آباد: معاشي محاذ تي پاڪستان کي سعودي عرب پاران ٽي ارب ڊالر جو قرض ملڻ تي مالي فائدو ٿيو آهي عارضي سڪون پيدا ٿيو آهي، سعودي عرب کان ملندڙ ڊپازٽس کانپوءِ ملڪ تي درآمدي دٻاءُ ۽ رپئي تي وڌندڙ بار جا خدشا ڪجهه حد تائين ختم ٿي ويا آهن.
هلندڙ مهيني دوران پاڪستان کي لڳ ڀڳ پنج ارب ڊالر جون ادائيگيون ڪرڻيون هيون، جن ۾ 1.3 ارب ڊالر جا يورو بانڊز به شامل هئا. اهڙي صورتحال ۾ ٻاهرين ادائيگين جو دٻاءُ حڪومت لاءِ وڏو چئلينج بڻيل هو.
يو اي اي کي قرض واپسي جو سلسلو
گڏيل عرب امارات کي قرض واپسي جو عمل به شروع ٿي چڪو آهي. رپورٽن موجب: 45 ڪروڙ ڊالر اڳ ئي واپس ڪيا ويا آهن جڏھن ته هن هفتي وڌيڪ ٻه ارب ڊالر واپس ڪيا پيا وڃن.
هي قرض اصل ۾ 2018 ۾ ڏنل ٻن ارب ڊالرن تي ٻڌل هو، جيڪو ڪيترن ئي سالن تائين رول اوور ٿيندو رهيو، پر هاڻي ان کي مختصر مدت لاءِ وڌائڻ بعد واپس ڪرڻو پيو.
قرض واپسي ڇو ضروري ٿي؟
ماهرن موجب: يو اي اي قرض کي ڊگهي عرصي لاءِ وڌائڻ لاءِ تيار نه هو
پاڪستان وڌيڪ گهٽ شرح وياج چاهيو ٿي
پر ڳالهين ۾ اتفاق نه ٿيڻ سبب واپسي جو فيصلو ڪيو ويو
ان کان علاوھ، وچ اوڀر ۾ وڌندڙ تڪرار به هن فيصلي تي اثرانداز ٿيو.
وچ اوڀر تڪرار ۽ پاڪستان تي اثر
ایران، آمریڪا ۽ اسرائیل وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب سڄي علائقي ۾ غيريقيني صورتحال پيدا ٿي آهي.
پاڪستان انهن ملڪن مان آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته:
ملڪ پنهنجي توانائي جو لڳ ڀڳ 90٪ درآمد ڪري ٿو.
۽ اهو به گهڻو ڪري وچ اوڀر مان اچي ٿو
ساڳئي وقت اسلام آباد طرفان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن ڳالهين جي ميزباني به ڪئي وئي آهي، جيڪا سفارتي لحاظ کان اهم اڳڀرائي آهي.
آءِ ايم ايف جي وارننگ
آئی ایم ایف اڳواٽ خبردار ڪيو آهي ته:
پاڪستان جي معاشي واڌ جي شرح گهٽجي 3.5٪ ٿي سگهي ٿي
جڏھن تہ مهانگائي وڌي 8.4٪ تائين پهچي سگهي ٿي
سعودي مالي سهڪار سان عارضي رليف ضرور مليو آهي، پر يو اي اي کي قرض واپسي، وڌندڙ عالمي تڪرار ۽ توانائي تي دارومدار پاڪستان جي معيشت لاءِ اڃا به وڏا خطرا پيدا ڪري رهيا آهن. اقتصادي استحڪام لاءِ حڪومت کي سخت فيصلا ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي.