آئل ڪمپنين جو ڊيزل جي اگھن جي فارمولي تي تحفظات جو اظھار، سپلاءِ نظام خطري ۾ پوڻ جو خدشو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: ھاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگھن جي فارمولي ۾ تازين تبديلين تي تحفظات ۽ 128 ارب رپين جي بقايائن تي آئل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪائونسل (او سي اي سي) طرفان احتجاج ڪيو ويو.

آئل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪائونسل ھاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگھن جي فارمولي ۾ تازين تبديلين ۽ پرائيس ڊيفرنشل ڪليمز جي ادائيگين ۾ مسلسل دير تي شديد ڳڻتي جو اظھار ڪيو آھي.

ڪائونسل خبردار ڪيو آھي تہ وڌندڙ مالي دٻاءُ پئٽروليم سيڪٽر جي ليڪويڊيٽي کي متاثر ڪري سگھي ٿو جنھن سان سڄي ملڪ ۾ ٻارڻ جي سپلاءِ جو نظام خطري ۾ پوڻ جو خدشو آھي.

توانائي واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ کي 13 اپريل 2026ع تي لکيل ھڪ تفصيلي خط ۾ صنعتي اداري چيو آھي تہ ٻہ ھڪ ئي وقت ٿيندڙ تبليون يعني اگھن جي تعين جي طريقيڪار ۾ ترميم ۽ ريگيوليٽري ادائيگين ۾ دير آئل مارڪيٽنگ تي شديد دٻاءُ وجھي رھي آھي.

واضح رھي تہ اھي ڪمپنيون سڄي ملڪ ۾ ٻارڻ جي خريداري ۽ ورھاست جون ذميوار آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں