آمريڪي وزير جنگ پيٽ ھيگسيٿ ناڪہ بندي دوران ايراني فائرنگ جو خدشو ظاھر ڪندي خبردار ڪيو تہ ائين ڪيو تہ سٺو نہ ٿيندو.
آمريڪي فوج موجب ناڪہ بند علائقي ۾ بنا اجازت داخل ٿيڻ يا نڪرڻ واري ڪنھن بہ جھاز کي روڪيو، موڙيو يا قبضي ۾ ورتو ويندو.
نيوز ايجنسي موجب ناڪہ بندي واري علائقي ۾ جيڪو جھاز بنا اجازت داخل ٿيندو يا نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ان کي روڪيو ويندو، ناڪہ بندي واري علائقي ۾ جيڪو جھاز داخل يا نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ان جو رخ موڙيو يا قبضي ۾ ورتو ويندو.
ان کان اڳ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان موجب آبنائي ھرمز جي ناڪہ بندي جي وقت جو اعلان ڪيو ھو.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ 13 اپريل جي صبح 10 وڳي ايسٽرن ٽائيم موجب ايراني بندرگاھن ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ واري سموري سامونڊي ٽريفڪ جي ناڪہ بندي تي عملدرآمد شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو، پاڪستاني وقت موجب اھا ناڪہ بندي گذريل ڏينھن شام 7 وڳي کان شروع ٿي.