واشنگٽن:
آمريڪا جي پرڏيھي معاملن واري اڳوڻي وزير ھيلري ڪلنٽن خبردار ڪيو آھي تہ ايران سان تازي ڇڪتاڻ ۽ ناڪام ڳالھين کان پوءِ آمريڪا انتھائي ڪمزور پوزيشن ۾ اچي چڪو آھي ۽ ان پنھنجي سفارتي برتري وڃائي ڇڏي آھي.
ھڪ ٽي وي انٽرويو دوران ھيلري ڪلنٽن ڳالھين واري ٽيم ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ناٺي جيرڊ ڪشنر ۽ وچ اوڀر لاءِ خصوصي نمائندو اسٽيو وٽڪوف جي شموليت تي بہ تنقيد ڪئي.
پرڏيھي معاملن واري اڳوڻي وزير چيو تہ آمريڪا کي ھن وقت ايران تي دٻاءُ وجھڻ واري قوت ھئڻ گھربو پر ھاڻ صورتحال ان جي ابتڙ ٿي چڪي آھي.
ھن جو چوڻ ھو تہ آمريڪا انتھائي ڪمزور پوزيشن ۾ آھي ۽ ان پنھنجي ليوريج ۽ برتري وڃائي ڇڏي آھي.