نيويارڪ سٽي ۾ احتجاج، ايران ۽ لبنان تي حملي ۽ اسرائيل کي ھٿيارن جي فراھمي روڪڻ جو مطالبو

فہرستِ مضامین

نيويارڪ سٽي ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ مين ھيٽن ۾  احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاھري ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. احتجاجي مظاھرو ڪندڙن سينيٽر چڪ شومر ۽ ڪرسٽن جي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻي لبنان تي حملي ۽ اسرائيل کي ھٿيارن جي فراھمي روڪڻ جو مطالبو ڪيو.

احتجاجي مظاھرو ڪندڙن جو چوڻ ھو تہ فنڊنگ جنگ لاءِ نہ پر ھيلٿ ڪيئر لاءِ ڪئي وڃي. احتجاجي مظاھري ۾ شريڪ ماڻھو اسرائيل کي ھٿياربند ڪرڻ کان روڪڻ جا نعرا پڻ ھڻي رھيا ھئا.

ان دوران پوليس ڪارروائي ڪري 100 جي لڳ ڀڳ مظاھرين کي گرفتار پڻ ڪري ورتو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں