ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آھي تہ ملڪ ۾ شمسي توانائي 8 ھزار ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي ۽ توانائي جي حصي ۾ وڌيڪ واڌارو حڪومت جو هدف آهي.
هارورڊ يونيورسٽي ۾ پاڪستان جي معيشت بابت پينل ڊسڪشن کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو تہ وچ اوڀر جو تڪرار عالمي معيشت لاءِ وڏو جھٽڪو ھو، پر ان دوران پاڪستان توانائي جي فراهمي کي جاري رکيو، شروعاتي سبسڊي کانپوءِ توانائي جي قيمتن جي مڪمل منتقلي ڪئي وئي آهي، جڏھن تہ ٽارگيٽڊ سبسڊي جو نظام جاري آهي، پاڪستان بحران باوجود صورتحال کي بهتر نموني سنڀاليو آهي.
هن وڌيڪ چيو تہ يورو بانڊ جي ادائيگي ”نان ايونٽ“ رھي، جيڪا ٻاهرين ادائيگين تي اعتماد جو اظهار آهي، ڪراچي پورٽ تي ٽرانزٽ ٽريفڪ ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي، جڏھن تہ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ مارچ دوران رڪارڊ ناڻو آيو، معيشت جي بهتري لاءِ منتقلي مستقل حل ناهي، برآمد تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.
ناڻي واري وزير موجب اصل چئلينج سڌارن تي عملدرآمد آهي، ٽيڪس نظام ۾ سڌارا ۽ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي وڌائڻ جون ڪوششون جاري آهن، ايف بي آر ۾ ڊجيٽلائيزيشن ۽ آٽوميشن جو عمل هلي رھيو آهي، صنعت لاءِ مستقل سبسڊي جو خاتمو ۽ مقابلي وارو معاشي ماڊل اپنائڻ ضروري آهي، ٽيرف سڌارن ڪئي پئي وڃي.
هن چيو تہ ملڪ ۾ شمسي توانائي 8000 ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي ۽ توانائي ۾ وڌيڪ واڌارو حڪومت جو هدف آهي.
هن وڌيڪ چيو تہ چئني صوبن ۾ زرعي آمدني ٽيڪس جي قانونسازي مڪمل ڪئي وئي آهي، 28 سرڪاري ادارا نجڪاري لاءِ پرائيويٽائيزيشن ڪميشن ڏانهن موڪليا ويا آهن، آبادي ۾ واڌ ۽ موسمي تبديلي وڏا چئلينج آهن، جڏھن تہ ڪاروباري ماحول بهتر بڻائڻ حڪومت جي ترجيح آهي……..