وزيراعظم شھباز شريف جلد سعودي عرب جو دورو ڪندو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جلد سعودي عرب جو دورو ڪندو.

ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف کي سعودي ولي عھد محمد بن سلمان طرفان سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏني وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هو ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر رياض روانو ٿيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي اعليٰ قيادت جي وچ ۾ ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

ايران-آمريڪا ڳالهين کان پوءِ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالھين بعد هي دورو انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي.

ذريعن موجب پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مالي سھڪار بابت معاملا بہ جاري آهن.

ذريعن ٻڌايو تہ وزيراعظم سان گڏ فِيڊل مارشل عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ خاص مددگار طارق فاطمي بہ وفد جو حصو هوندا. جڏھن تہ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو آمريڪا جو دورو مڪمل ٿي ويو تہ هو بہ وفد ۾ شامل ٿي سگهي ٿو………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں