ممبئي : ڀارتي موسيقي جي ليجنڊ ڳائڻي آشا ڀوسلي نه صرف پنهنجي آواز سان دنيا کي متاثر ڪيو، پر مالي طور به وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، آشا ڀوسلي جي مجموعي ملڪيت لڳ ڀڳ 250 ڪروڙ ڀارتي رپيا هئي، جيڪا هن پنهنجي ڊگهي ۽ ڪامياب ڪيريئر دوران ڪمائي.
ملڪيت جا تفصيل:
لڳ ڀڳ 100 ڪروڙ رپين جون جائدادون
ممبئي ۽ پوني سميت مختلف شهرن ۾ قيمتي پراپرٽي
عالمي سطح تي هلندڙ ريسٽورنٽ جي چين
آشا ڀوسلي موسيقي سان گڏ ڪاروبار ۾ به پاڻ مڃايو. هن 2002ع ۾ دبئي کان پنهنجي ريسٽورنٽ بزنس جي شروعات ڪئي، جيڪو بعد ۾ گڏيل عرب امارات، ڪويت، بحرين ۽ برطانيا تائين پکڙجي ويو.
آمدني جا ذريعا:
هزارين گانن مان آمدني
لائيو ڪنسرٽس ۽ پرفارمنس
بين الاقوامي سطح تي مقبوليت
رپورٽن موجب، جيتوڻيڪ شروعاتي دور ۾ کيس رائلٽي سسٽم جو گهڻو فائدو نه مليو، پر سندس وڏي ڪم ۽ شهرت کيس مالي طور مضبوط بڻايو.
آخري ڏينهن:
آشا ڀوسلي کي وفات کان اڳ ٿڪاوٽ ۽ سيني جي انفيڪشن سبب اسپتال داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته سندس آخري رسومات ممبئي ۾ ادا ڪيون ويون.
آشا ڀوسلي نه صرف موسيقي جي دنيا ۾ هڪ وڏو نالو هئي، پر مالي ۽ ڪاروباري ڪاميابي جو به هڪ بهترين مثال بڻجي وئي، جنهن جي زندگي ايندڙ نسلن لاءِ هڪڙو مثال آهي۔…