ايران ۽ آمريڪا ڪنھن معاھدي تي نہ پھچي سگھيا: آمريڪي وفد واپس روانو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد ۾ جاري ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالھيون ناڪام ٿي ويون آھن، جنھن کان پوءِ ڌريو ن واپس روانيون ٿي ويون آھن.

آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس واضح ڪيو آهي تہ ايران آمريڪي شرطن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ايران سان ڪنهن حتمي معاهدي تائين ناھيون پھچي سگھيا ۔

آمريڪي نائب صدر ايران سان ڳالهيون بعد اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ دوران وزيراعظم شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جا ٿورا مڃيندي چيو تہ پاڪستاني وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل حيران ڪندڙ ڪم ڪيو ۽ ٻنهي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي۔

جي ڊي وينس وڌيڪ چيو تہ ڳالهين ۾ جيڪا بہ کوٽ رھي، اها پاڪستانين جي ڪري نہ هئي، پاڪستان اسان ۽ ايران وچ ۾ اختلاف گهٽائڻ لاءِ بهترين ڪم ڪيو ۽ ڪنهن بہ معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي۔

آمريڪا جي نائب صدر JD Vance ٻڌايو ته ايران سان 21 ڪلاڪن تائين ڳالهيون جاري رهيون، جن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو، ۽ آمريڪا نيڪ نيتي سان شرڪت ڪندي پنهنجون شرطون پيش ڪيون۔

جي ڊي وينس چيو تہ سٺي خبر اها آهي تہ ايران سان سنجيدہ ڳاليھون ٿيون، جڏھن تہ خراب خبر اها آهي تہ ڪنهن بہ معاهدي تائين ناھيون پهچي سگهيا، سندس خيال ۾ اها خبر ايران لاءِ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خراب آهي۔

نائب صدر چيو تہ ايران آمريڪي شرطون قبول نہ ڪرڻ جي چونڊ ڪئي، بغير ڪنهن ڊيل جي اسان واپس آمريڪا وڃي رھيا آهيون، ايران کي حتمي ۽ بهترين آفر پيش ڪئي آھي، اها اسان جي آخري ۽ بهترين آڇ آهي، هاڻي ڏسون ايران ان کي قبول ڪري ٿو يا نہ۔

هن وڌيڪ چيو تہ ايراني وفد وٽان جوھري هٿيارن بابت ڪو واضح عزم ٻڌڻ ۾ نہ آيو، اسان کي پڪي خاطري گهرجي تہ ايران جوھري هٿيار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪندو ۽ آمريڪي صدر جو بنيادي مقصد بہ اهو ئي آهي ته ايران جوھري هٿيار نہ ٺاهي۔

نائب صدر وڌيڪ چيو تہ اسان پنهنجون ريڊ لائينز واضح ڪري ڇڏيون آهن ۽ اهي شيون بہ ٻڌايون آهن جن ۾ لچڪ ڏيکاري سگهون ٿا، جڏھن تہ اهي معاملا بہ واضح ڪيا جيڪي اسان لاءِ قابلِ قبول نہ آهن۔

ياد رھي تہ ان کان اڳ ايراني حڪومت سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو هو تہ ڪجهه اختلاف رھڻ باوجود بہ ڳالهيون جاري رھنديون….۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں