ايران کي جنگ ۾ وڏو نقصان: 145 ارب ڊالر تائين مالي تباهي، هزارين ماڻھو شهيد ۽ زخمي

فہرستِ مضامین

ڪراچي: تازي رپورٽن موجب ايران کي ڇهن هفتن تائين جاري رھندڑ جنگ دوران انتهائي ڳرو فوجي، معاشي ۽ انساني نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي. اوپن سورس انٽيليجنس (OSINT) رپورٽن موجب ايران کي هن جنگ ۾ 140 کان 145 ارب ڊالر تائين جو نقصان ٿيو آهي، جيڪو ملڪ جي معيشت لاءِ وڏو ڌچڪو قرار ڏنو پيو وڃي.

 معاشي نقصان: اربين ڊالرن جي تباهي

رپورٽ موجب، ايران جي صنعتي ۽ فوجي ڍانچي کي وڏو نقصان پهتو، 145 ارب ڊالر تائين اقتصادي نقصان جو اندازو آهي، ڪيترائي اهم ڪارخانا ۽ دفاعي هنڌ تباھ ٿي چڪا آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي تہ هي نقصان ايران جي معيشت کي ڊگهي عرصي تائين متاثر ڪندو ۽ بحالي ۾ سال لڳي سگهن ٿا.

 فوجي نقصان ۽ دفاعي ڍانچي تي اثر

جنگ دوران  ايران جي مِيزائل ۽ ڊرون ٺاهڻ واريون 66٪ کان وڌيڪ تنصيبون تباهه ٿي ويون

دفاعي صلاحيتن کي سخت نقصان پهتو، فوجي انفراسٽرڪچر کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ وڏو وقت ۽ وسيلا گهربل هوندا

نيوڪليئر پروگرام کي ڌچڪو

رپورٽ موجب ايران جي نيوڪليئر مرڪزن تي حملا ٿيڻ سبب، ايران جو ايٽمي پروگرام 8 کان 15 سال پوئتي هليو ويو، سائنسدانن ۽ ٽيڪنيڪل سهولتن کي به نقصان پهتو، اهو ايران جي اسٽريٽجڪ طاقت لاءِ اهم ڌچڪو سمجهيو پيو وڃي.

 انساني نقصان: شهيد ۽ زخمي

جنگ دوران انساني نقصان بہ انتهائي ڳرو رھيو، 2,076 ماڻهو شهيد۽ 26,500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا

انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جنگ جو سڀ کان وڏو اثر عام ماڻهن تي پيو آهي.

 علائقائي ۽ عالمي اثر

تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي تہ، ايران جي ڪمزور ٿيڻ سان وچ اوڀر جي طاقت جو توازن متاثر ٿيو آهي، عالمي سطح تي تيل مارڪيٽ ۽ واپار تي به اثر پيو، جنگ کانپوءِ شروع ٿيندڙ امن ڳالهين ۾ ايران جو موقف به هن نقصان سبب متاثر ٿي سگهي ٿو

هي جنگ ايران لاءِ   معاشي طور تباهہ ڪندڙ،  فوجي طور ڪمزور ڪندڙ  ۽ انساني طور انتهائي ڏکوئيندڙ ثابت ٿي آهي

هاڻي سڀني جون نظرون اسلام آباد ۾ ٿيندڙ امن ڳالهين تي آهن، جتي اهو طئي ٿيندو تہ ڇا ايران هن وڏي نقصان کانپوءِ نئين حڪمت عملي اختيار ڪندو يا نه؟……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں