سينئر اداڪارہ بشريٰ انصاريجي وڊيوز تي سخت تنقيد

فہرستِ مضامین

پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي سينئر اداڪارہ بشريٰ انصاري  کي ٻيهر سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آھي.

پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي سينئر اداڪارھ بشريٰ انصاري پنهنجي اداڪاري، مزاح، تحرير، گلوڪاري ۽ ميزباني جي صلاحيتن جي ڪري مشهور آھي ۽ هميشہ هڪ خوش مزاج ۽ زندگي سان ڀرپور شخصيت طور سڃاتي ويندي آھي.

اداڪارہ بشريٰ انصاري هدايتڪار اقبال حسين سان ٻي شادي ڪئي آهي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ مضبوط تعلق ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

گذريل ڏينهن بشريٰ انصاري جون ڪجھ ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون، جن ۾ هوءَ فوٽو شوٽ دوران ڪاري شرٽ نظر اچي ٿي،  جڏھن تہ ٻي ويڊيو ۾ هوءَ هڪ وائرل گاني تي جھومندي ڏسڻ ۾ آئي، بشريٰ انصاري جي جاويد شيخ سان اختلافات تي بہ ڳالهيون ٿيون.

ويڊيوز جي وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي ماڻھن سخت ردعمل ظاهر ڪيو.

ڪيترن ئي مداحن اداڪارہ جو انداز عمر جي لحاظ کان غير مناسب قرار ڏنو، ۽ چيو تہ انهن کيس سنجيدگي اختيار ڪرڻ گهرجي.

ٻئي طرف ڪجهه ماڻهن چيو تہ نوجوانن جي نقل ڪندي جواني واپس نه نٿي آڻي سگھجي، ڪجھ مداحن مذهبي حوالي سان سندس طرزِ عمل تي تنقيد ڪئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں