ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي اسپينر عثمان طارق چيو آهي ته ڪراچي جي حالتون اسپنرز لاءِ سازگار هجن ٿيون ۽ مقصد صرف پنهنجي ٽيم کي ٽائٽل کٽائڻ آهي.
خانگي ٽي وي سان ڳالھائيندي عثمان طارق چيو ته سڀني بيٽرز جون وڪيٽون نظر ۾ رکڻيون پونديون آهن، جڏهن ٽيم توھان کان اميد رکي ٿي ته ذميواريءَ جو احساس اهم ٿي وڃي ٿو.
عثمان طارق وڌيڪ چيو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏڻ سان هڪ پليئر جو اعتماد بهتر ٿيندو آهي ۽ انٽرنيشنل ڪرڪٽرز سان مقابلي ۾ ليگ ڪرڪيٽ ۾ به اميدون وڌي وڃن ٿيون.
هن چيو تہ ٽاپ ليول ڪرڪيٽ ۾ توھان جو نالو نه پر ڪارڪردگي اهم هوندي آهي، توهان ڪيترو به وڏو نالو هجو، جيڪڏهن سٺي بالنگ نه ڪئي ته رزلٽ نه ايندو.
عثمان طارق چيو تہ هن وڌيڪ چيو ته اڄڪلھ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ بيٽنگ فرينڊلي ٿي وئي آهي ۽ حالتن موجب بالر کي وڌيڪ سوچڻو پوي ٿو، بيٽر لاءِ ميچ جي صورتحال موجب بالنگ پلانگ تيار ڪندو آھيان.