پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز ملتان سلطانز اوپننگ بيٽر صاحبزاده فرحان ۽ بيٽنگ ڪوچ صهيب مقصود کي ڪجهه ڏينهن لاءِ رليز ڪري ڇڏيو آهي۔
ملتان سلطانز جي ترجمان موجب ريسٽ دوران رانديگر آرام يا پنهنجو ذاتي وقت گذاري سگهن ٿا۔
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽيم جي مالڪ گوهر شاهه ۽ ڪوچ ٽم پين جي پاليسي موجب ريسٽ پيريڊ ۾ رانديگرن کي مڪمل آزادي حاصل آهي۔
پي ايس ايل ۾ ملتان سلطانز جو ايندڙ ميچ 13 اپريل تي پشاور زلمي خلاف کيڏيو ويندو.