ڪراچي: پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي تہ ايران ۽ آمريڪا جي قيادت جا ٿورائتا آهيون، جن تباھي جي رستي بدران ڳالهين کي ترجيح ڏني ۽ ڇڪتاڻ مان پوئتي هٽڻ جو ذميواراڻو فيصلو ڪيو۔
پنهنجي بيان ۾ هن چيو تہ پاڪستان کي ان ڳالهہ تي فخر آهي ته هن امن جي قيام لاءِ ڏاهپ، سنجيدگي ۽ سفارتي مهارت جو مظاهرو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ خطي کي هڪ وڏي تڪرار کان بچائڻ ۾ مدد ملي۔
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو تہ هو تھران، واشنگٽن ۽ اسلام آباد جي قيادت جي گڏيل ڪوششن کي سارھايون ٿا، جن ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪيو، اهڙيون ڪوششون ئي دنيا کي امن ڏانهن وٺي وڃن ٿيون۔
هن وڌيڪ چيو تہ جنگبندي خطي لاءِ هڪ انتهائي اهم موقعو فراهم ڪري ٿي، جنهن سان نہ رڳو عوام سڪون جو ساهہ کڻي سگهي ٿي، پر معاشي ۽ سماجي بحالي جا در بہ کلي سگهن ٿا، هن زور ڏنو تہ موجوده صورتحال کي مستقل امن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سڀني ڌرين کي سنجيده ۽ ذميوار رويو اختيار ڪرڻو پوندو۔
پيپلزپارٽي چيئرمين پنهنجي بيان ۾ دعا ڪئي تہ هي جنگبندي صرف عارضي وقفو ثابت نه ٿئي، پر هڪ جٽادار ۽ پائيدار امن جي شروعات بڻجي، جيڪو خطي ۾ استحڪام، سهڪار ۽ گڏيل خوشحالي کي ھٿي ڏئي۔……