اميتاڀ بچن جي بي آرامي : واندڪائي وارا ڏينهن مون لاء بي آرامي جو سبب بڻجن ٿا .
بالي ووڊ ليجنڊ امیتاڀ بچن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجن مداحن سان پنهنجي زندگي جي هڪ اهم حقيقت شيئر ڪئي آهي. 83 سالن جي اداڪار پنهنجي ذاتي بلاگ ۾ لکي ٿو ته هڪ ڏينهن به بغير ڪم جي گذرڻ کيس بيچين ۽ غير مطمئن محسوس ڪرائي ٿو.
امیتاڀ بچن پنهنجي بلاگ ۾ لکيو
“منهنجي زندگي ۾ روٽين اهڙي گهرائي سان شامل آهي جو جيڪڏهن هڪ ڏينهن به ڪم نه ڪريان، ته سڀ ڪجهه اجنبي ۽ غير متوازن محسوس ٿئي ٿو, هر روز ڪم نه ڪرڻ سان ڏينهن هڪ اهڙي مايوسي بڻجي ٿو، جنهن ۾ سمجھ ۾ نه ايندو آهي ته ڇا ڪرڻ گهرجي.
اداڪار وڌيڪ ٻڌايو ته زندگي ۾ روٽين رڳو عادت ناهي، پر اها انساني زندگي ۾ استحڪام ۽ ترتيب فراهم ڪري ٿي, جڏهن اهو ٽٽي وڃي ٿو، ته انسان ۾ بي يقيني، اضطراب ۽ بيچيني پيدا ٿي سگهي ٿي، جيڪا ذهني ۽ جسماني صحت تي پڻ اثر انداز ٿئي ٿي.
امیتاڀ بچن چيو تہ جڏهن ڪو انسان پنهنجي روٽين کي بحال نٿو ڪري سگهي، ته اضطراب وڌي وڃي ٿو ۽ ڏينهن بغير مقصد جي محسوس ٿيندو آهي.
واضح رهي ته امیتاڀ بچن اڄ به پيشي وراڻي طور تي سرگرم آهي، تازو ئي هو مشهور ڪوئز شو “ڪون بني گا ڪروڙپتي” جي ميزباني ڪندي نظر اچي ٿو. ان کان علاوه، هو پنهنجي ايندڙ فلم ڪالڪي سيڪوئل تي پڻ ڪم ڪري رهيو آهي.