اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجہ آصف چيو آھي تہ سولر صارفين ۽ ٻين بجلي صارفين وچ ۾ نازڪ توازن برقرار رکڻو پوندو آھي، بھتر اھو ئي آھي تہ سولر تي منتقل ٿي وڃجي پر ڪيپيسٽي جي ادائيگين سبب هٿ ٻڌل آهن۔
قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ جاري آهي، جنهن ۾ سولر تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي حڪومتي موقف پيش ڪيو ويو۔
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سولر پينلز تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پ پ جي سيد نويد قمر پيش ڪيو
مملڪتي وزير ڊاڪٽر شذرہ منصب علي کرل جواب ڏيندي چيو تہ سولر تي ٽيڪس 18 سيڪڙو بدران 10 سيڪڙو ڪئي وئي آھي ۽ نئين پاليسي نون صارفين لاءِ ھوندي، ھن چيو تہ سولر تي ٽيڪس لڳائڻ جا ڪيترائي ڪارڻ آھن.
سيد نويد قمر چيو تہ جڏھن بجلي مهانگي آهي ۽ تيل سميت آلودگي وارا ذريعا استعمال ٿين ٿا، تہ پوءِ گرين توانائي کي ڇو ڪمزور ڪيو پيو وڃي ڇا ھي اينٽي سولر پاليسي ناھي؟
خواجہ آصف جواب ڏيندي چيو تہ سولر صارفين ۽ ٻين بجلي صارفين وچ ۾ فرق برقرار رکڻو پوي ٿو، هن چيو تہ بهتر آهي تہ سولر تي منتقل ٿي وڃجي، پر ڪيپيسٽي جي ادائيگين سبب هٿ ٻڌل آهن۔
خواجہ آصف وڌيڪ چيو تہ ڪجهہ عرصو اڳ آئي پي پيز سان ڳالهہ ٻولهہ ٿي هئي، پر وڌيڪ اڳڀرائي نہ ٿي سگھي، جيڏھن تہ 20–30 سال اڳ اسان ۽ پيپلزپارٽي جي دورن ۾ آئي پي پيز سان ٿيل معاهدن سبب حڪومت پابند آهي۔….