اسلام آباد : وڏي پئماني تي شمسي توانائي مان بجلي حاصل ڪرڻ سبب پاڪستان، ايران جنگ بعد پيدا ٿيل حالتن باوجود توانائي بحران کان محفوظ آھي.
آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين موجب ايران جنگ ۽ تازي ڇڪتاڻ ۾ عالمي بحران سان تيل ۽ گئس جون قيمتون وڌي رھيون آھن پر ان باوجود پاڪستان واحد ملڪ آھي جيڪو توانائي بحران کان محفوظ آھي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ گذريل ٻن کان ٽن سالن دوران پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سولر پينلز جي تنصيب جي نتيجي ۾ تقريبن 25 سيڪڙو بجلي شمسي توانائي مان حاصل ڪئي پئي وڃي.
آمريڪي ٽي وي موجب آبنائي ھرمز ذريعي توانائي سپلائي ۾ امڪاني رنڊڪن جا اثر بہ پاڪستان تي انتھائي محدود رھيا آھن جنھن جو بنيادي ڪارڻ متبادل توانائي ذريعن کي تيزي سان ھٿي وٺرائڻ آھي.
رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي واڌ کي “خاموش انقلاب” قرار ڏيندي چيو ويو آهي تہ شمسي توانائي ۾ اضافي سبب پاڪستان 2020 کان پوءِ 12 ارب ڊالر کان وڌيڪ بچت ڪئي آهي۔…